لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته شاهه رخ خان سان رومانوي سين ڪرائيندي ڊپ ٿيو هو. هڪ انٽرويو دوران ماهرا خان ٻڌايو ته بالي ووڊ ۾ فلم رئيس جي شوٽنگ دوران مون واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو هڪ حد کان وڌيڪ رومانوي سين فلمبند نه ڪرائيندي جنهن سبب فلم جي هيرو شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪندي رومانوي سين جي فلمبندي دوران کيس ڊپ لڳو هو. هن چيو ته کيس رومانوي سين فلمبند ڪرائيندي خدشو هو ته ڪٿي حد پار نه ٿي وڃي. واضح رهي ته ماهرا خان 2017 ۾ بالي ووڊ فلم رئيس ۾ ڪم ڪيو هو جنهن ۾ شاهه رخ خان سندس هيرو بڻيو هو.