اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي دوائون 14 کان 20 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روز ويلٽ هوٽل، ڪڻڪ جي خريداري ۽ دوائون مهانگيون ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اي سي سي هڪ ڀيري لاءِ دوائن جي اگهن ۾ 14 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ضروري ۽ حياتي بچائيندڙ دوائون مهانگائي جي 70 سيڪڙو جي شرح سان مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، مطلب انهن دوائن جي وڪري جي قيمت ۾ 14 سيڪڙو تائين واڌ ڪري سگهبي. اهڙي ريت عام دوائون به مهانگائي جي 70 سيڪڙو جي برابر مهانگيون ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي پر انهن جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ نه ڪري سگهبي.