جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊومري ويجهو گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، زخمي محمد مبين ميرجت حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏنو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي يو، گذريل ڏينهن ڳوٺ گولو مير جت ۾ مير جت برادري جَي ٻن ڌرين ۾ گهٽيءَ جَي لنگهه تان جهيڙو هلندڙ هو، پيشي تي عدالت ويندڙ ڳوٺاڻن تي حملو ڪيو ويو، مقتولن ۾ محمد قاسم، محمد عيسيٰ، محمد يامين ۽ محمد هاشم مير جت شامل آهن.