لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينئر اداڪارا ميرا چيو آهي ته مون بابت سمورا اسڪينڊلز من گهڙت هئا. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ميرا چيو آئون رڳو انڪري پنهنجي باري ۾ ايندڙ خبرن کي قبول نه ڪندي آهيان ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪابه سچائي نه هوندي آهي. هن چيو ته ميڊيا مون بابت اسڪينڊلز کي هرو ڀرو ڪوريج ڏيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميرا چيو ته خواهش آهي ته پنهنجي باري ۾ ميڊيا کي پاڻ وڏي خبر ڏيان.