لاهور: شهباز شريف جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
338

لاهور (ويب ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نون ليگ صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم: لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي، 50-50 لک رپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو: مريم نواز، شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ تي ٽوئٽ ڪيو ته“شڪر الحمد الله”: راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف کي 7 مهينن بعد انصاف مليو، نيب عمران خان جو انتقام جو ادارو آهي، جيڪو شهزاد اڪبر جي چوڻ تي ڪارروايون ڪري رهيو آهي.