ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ خلاف 24 ۽ 25  سيپٽمبر تي عوامي ريفرنڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 24 ۽ 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ عوامي ريفرنڊم ۾ عوام کان ناجائز ٽيڪس وصولي، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي جي حوالي سان عوام کان راءِ ورتي ويندي، جيڪڏهن عوام ريفرنڊم ۾ بجلي بِلن جي ادائگي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي، هن چيو ته فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ڪي ايم سي ٽيڪسز جي نالي ۾ ٿيندڙ لُٽ مار خلاف به درخواستون جمع ڪرايون وينديون، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ حڪومت قِبلو درست ڪن، ٻي صورت ۾ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، هن وڌيڪ چيو ته ڪچري کڻڻ جو ٽيڪس  بجلي جي بل ۾ لڳائڻ وارو عمل قبول ناهي، ايندڙ هفتي ميونسپل ٽيڪس تي به ريفرنڊم ڪرايو ويندو.