نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو جي جڳ چوڪ ڀرسان پارڪ ۾ ڪچهري ڪرڻ دوران  مامي ۽ ڀاڻيجي ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن دوران  نعيم ڀٽو ڳوٺ آباد ڀٽو جي رهواسي پنهنجي سڳي ڀاڻيجي راشد ڀٽو کي پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، رستي ويندڙ زخمي کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي راشد ڀٽو دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان  اسپتال ۾ موجود جنيد ڀٽو ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي نعيم ڪنهن جي چوڻ تي راشد کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي بيگناهه قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن نئون ديرو پوليس ٻڌايو ته واقعو مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ گهريلو تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدار کي موقعي تان گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.