جمائمه جي اسرائيل تي تنقيد، جارحيت جي خطرناڪ نتيجن کان خبردار ڪري ڇڏيو

0
157

ڪراچي(ٽائيم نيوز ويب ڊيسڪ)  غزه تي اسرائيلي جارحيت ۽ معصوم فلسطينين جي شهادت تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهر واري جمائمه گولڊ سمٿ هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته وڌيڪ هزارين معصوم ٻارڙن جو قتل عام يا انهن کي معذور ڪرڻ سان نه ته يرغمال ٿيل بچائي سگهجن ٿا ۽ نه ئي امن قائم ٿيندو

سماجي ويب سائيٽ ايڪس(ٽوئٽر) تي پنهنجي بيان ۾ جمائمه چيو ته غزه تي بمباري سان ائين دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو جيئن نائن اليون کانپوءِ عراق ۽ افغان جنگن جي صورتحال سامهون آئي هئي

هن چيو ته اسرائيل، حماس جنگ دوران ٻنهي طرفان کان معصوم انسانن سان گڏ آهيان، جمائمه انهن يهودين کي سلام پيش ڪيو جيڪي پنهنجا پيارا وڃائڻ کانپوءِ به غزه تي اسرائيلي بمباري خلاف ڳالهائي رهيا آهن