ترڪ صدر گڏيل قومن ۽ ميڊيا تي ڪاوڙيل

0
142

انقره: ترڪ صدر رجب طيب اردوان گڏيل قومن ۽ ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب تر ڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غير اثرائتي ٿي وئي آهي

ترڪ صدر سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ ناڪامي جي مذمت ڪندي چيو ته ڪائونسل هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام نظر آئي

هن چيو ته مغربي ملڪن باهه تي ٻارڻ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو

ترڪ صدر اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار تي تعصباڻي ڪووريج ڪرڻ تي ميڊيا کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو

هي به پڙهندا

آمريڪي صدر پاران غزه جي اسپتال تي بمباري جو ذميوار فلسطين قرار