آمريڪي صدر پاران غزه جي اسپتال تي بمباري جو ذميوار فلسطين قرار

0
129

آمريڪي صدر جو بائڊن غزه جي اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو ذميوار فلسطينين کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي جو بائڊن چيو ته غزه ۾ اسپتال تي حملو ٻي ڌر جي ڪارروائي لڳي ٿي

آمريڪي صدر پاران اسرائيل جي دفاع لاءِ ڪانگريس آڏو هڪ پئڪيج جي تجويز رکڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته غزه جي اسپتال تي اسرائيل حملو نه ڪيو آهي، اسپتال ۾ ٿيل تباهي حماس پاران مس فائر ڪيل راڪيٽ ڪرڻ جو نتيجو آهي