نوابشاهه ۾ ڦر وارداتن دوران 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

0
67

نوابشاهه ۾ ڦر جي ٻن وارداتن دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٿانون جي دوڪان تان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني

گوليون لڳڻ سبب رضوان، محمد اسلم ۽ محمد شاهد زخمي ٿي پيا، پيپلز اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان محمد شاهد ۽ محمد اسلم زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو

 شهر جي موهني بازار ۾ به 2 هٿياربندن جي واپاري بشير اعواڻ جي آٽوز جي دوڪان تي چڙهائي، جوابدار واپاري جي پٽ جنيد اعواڻ کي گوليون هڻي لکين روپيا ڦري فرار ٿي ويا