ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

0
150
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ تيزي اچي وئي: هڪ ڏينهن ۾ 3 رپيا اضافو ٿي ويو، سون 206500 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ آل پاڪستان  جيمز  ۽ جيولرز ايسوسيئشن موجب ڪراچي  جي صرافه بازار ۾ سون 206500 رپيا في تولو رهيو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 36 ڊالرن جي اضافي سان 1959 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 40 رپيا واڌ سان 2630 مان 2670 رپين تي پهتي

ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا واڌ سان 278 مان 281 ۽ انٽر بينڪ ۾ 3.26 رپيا اضافي سان 280.29 رپيا  ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 345 رپين تي برقرار رهيو، هوڏانهن  يورو هڪ رپيو واڌ سان 295 مان 296   رپين تي بند ٿيو