ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
111

نيوزيلينڊ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي دنگل ۾ افغانستان کي 149 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

 لاڳيتو چوٿين ڪاميابي ماڻڻ بعد نيوزيلينڊ اسڪور بورڊ تي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

نيوزيلينڊ پاران ڏنل 289 رنس جو هدف پورو ڪرڻ جي ڪوششن دوران افغان ٽيم 35 هين اوور ۾ 139 رنس تي ڍير ٿي وئي

رحمت شاهه 36 ۽ عظمت الله عمرزئي 27 رنس سان ٽاپ اسڪورر رهيا، افغان ٽيم ٽاس کٽي پهرين بولنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورز ۾ 6 وڪيٽس جي نقصان تي 288 رنس ٺاهيون، ڪپتان ٽام ليٿم 68 رنس ۽ گلين فلپس 71 رنس ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا