پرڏيهي شهري رضاڪاراڻي طور نه ويا ته ڪارروايون ڪيون وينديون: آءِ جي سنڌ

0
251

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پرڏيهي شهري رضاڪاراڻي طور نه ويا ته ڪارروايون ڪيون وينديون،  غيرقانوني ترسيل پرڏيهي شهري رضاڪاراڻي طور واپس نه ويا ته سخت ڪارروايون ڪيون وينديون

نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته حڪومت جي طرفان واضح هدايتون آيون آهن ۽ انتهائي سخت ڪارروايون ڪيون وينديون

آءِ جي سنڌ رفعت مختار جو چوڻ هو ته رڳو افغاني نه پر بنگالي، برمي ۽ ٻين ملڪن جا غيرقانوني طور شهري سنڌ ۾ ترسيل آهن

سنڌ ۾ پوليس ۾ سياسي مداخلت جي سوال تي آءِ جي سنڌ چيو ته مون صرف ٻڌو آهي ڏٺو توهان هوندو ته صوبي جو ڪلچرل ڪهڙو آهي، لڳ ڀڳ 50 ڏينهن ٿي ويا آهن ڪم ڪندي، ڪنهن هڪ ڏينهن به اهڙي طرح صورتحال کي منهن ڏسڻو ناهي پيو ۽ ڪا به سياسي مداخلت ناهي ٿي