ڪراچي(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ نواز شريف کي اقامي ۾ سزا ٻڌائيندي سسيلين مافيا قرار ڏيندڙ پاناما بينچ جي سربراه جسٽس (ر) آصف سعيد کوسا جي ويجهن ذريعن مريم نواز جي چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ صحافي سان ڳالهائيندي جسٽس کوسا جي گهر ڀاتين چيو ته آصف سعيد کوسا هن وقت ملڪ کان ٻاهر سفر ڪري رهيو آهي ان ڪري هو رابطي ۾ نه ٿو اچي سگهي. گهرڀاتين چيو ته جسٽس آصف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي دور ۾ مون کي ڪا شي آفر نه ڪئي وئي هئي پر مون اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن آفر ڪئي وئي ته مدي ۾ واڌ وٺڻ جي آڇ ڪئي وئي ته به  انڪار ڪري ڇڏيندس.