اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياسي قيادت تي حملن جو خطرو ظاهر، حساس ادارن اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، اليڪشن ڪميشن اجي سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر آفيسرن کانسواءِ آءِ ايس آءِ سان تعلق رکندڙ اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي سيڪٽر ڪمانڊرن، آءِ بي سان تعلق رکندڙ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي جوائنٽ ڊائريڪٽرن، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا سوڌو  ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڪميشن کي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ پرامن چونڊون ڪرائڻ، امن امان جي صورتحال ۽ ٻين لاڳاپيل مامرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس جي آخر  ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڀني ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هن بريفنگ جي روشني ۾ ڪميشن کي پرامن چونڊون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مختلف فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي صوبن ۾ پوليس کانسواءِ پرامن چونڊون ڪرائڻ  لاءِ 3 لک 53 هزار قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي ضرورت هوندي، جن ۾ پوليس کانسواءِ پنجاب ۾ 2 لک 97 هزار ۽ خيبر پختونخوا ۾ 56 هزار قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار گهربل هوندا، پنجاب ۾ لڳ ڀڳ 52 هزار جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ لڳ ڀڳ 15 هزار پولنگ اسٽيشنون قائم ٿينديون، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جي نشاندهي ڪندا، جن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن کان علاوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، ذريعن ٻِڌايو آهي ته سيڪيورٽي ادارن اليڪشن ڪميشن کي دهشتگردي جي حملن بابت ٿريٽس کان آگاهه ڪيو ۽ مشورو ڏنو ته ان صورتحال ۾ هن وقت اليڪشن نه ڪرائي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ادارن موجوده صورتحال ۾ متفقه طور تي چونڊون ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ پنجاب توڙي خيبر پختونخوا ۾ چونڊن لاءِ ماحول سازگار نه هجڻ کان آگاهه ڪيو آهي، ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن چيو ته عمران خان، بلاول، فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن جي جانين کي خطرا آهن.  ذريعن مطابق سيڪيورٽي جي بريفنگ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ هفتي ان حوالي سان فيصلو  ڪيو ويندو، ذريعن مطابق 14 مارچ تي گورنر خيبر پختونخوا حاجي غلام علي کي خيبر پختونخوا صوبي ۾ چونڊ لاءِ تاريخ ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن طلب ڪيو آهي، جڏهن ته 14 مارچ تي ئي بچاءَ وزارت به اليڪشن ڪميشن کي چونڊن بابت بريفنگ ڏيندي.