سن: سن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جسقم جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڊويزن ستطح تي 26 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ پهرين ورسي جو جلسو 30 مئي تي نوابشاھ ڊويزن ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس سن ۾ 12 جون تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته جيمسٽ جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاران ٻئي پارٽي ۽ غير واسطيدار ماڻهن سان گڏجي پارٽي خلاف سرگرميون ڪرڻ تي فيصلو ڪيو ويو ته جسقم ڪارڪن سندس مهم جوئي ۽ گروپ بندي جو حصو نه ٿين ۽ جيمئسٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ته شهيد مقصود قريشي جي قتل جي حوالي سان ڊاڪٽر نياز مٿان آيل شاهدين جو مرڪزي ڪائونسل ۾ پيش ٿي اچي جسقم ڪارڪن کي وضاحت ڏئي.