سن: سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي جسقم بشير قريشي گروپ ۾ 4 سالن کان اليڪشن نه ڪرائڻ خلاف ينئر قومي ڪارڪنن سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، منير ابڙو، راشد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي علامتي بک هڙتال ڪندي جسقم ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اڳواڻن موجب جسقم سيد جي فڪر تي هلندڙ جماعت آھي، جنهن کي دستور موجب اليڪشن ڪرائڻي آھي پر 4 سال گذرڻ باوجود جهموري عمل نه ٿي سگهيو آھي، جنهن سبب موجودهه باڊي غير آئيني آھي، پارٽي کي بچائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن.