ڄامشورو/ڪوٽڙي/سن (نمائندا) جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي سن ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، ڪورونا وبا صورتحال سبب ڪوبه جلسو نه ٿيو، مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ سن پهتا، مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر ، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو جي اڳوڻي ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ لاءِ 32 سال قيد ڪاٽي سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي، هن چيو ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو قائل هو، جنهن جي فڪر جي تعليمات ۾ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. هن چيو رمضان کان پوءِ ڊويزن سطح تي سيد جي ورسي جا جلسا ڪيا ويندا، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ سيد نواز شاھ ڀاڏائي، ممتاز علي بروهي، غفار ميرجت، اياز سولنگي مرڪزي قيادت سميت جسم ڪارڪنن سان سن پهچي جي ايم سيد پليٽ فارم تان پيادل مارچ ڪري سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي، ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته مذهبي انتهاپسندي هن ملڪ جي ترقي، خوشحالي، ۽ امن ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي، هن چيو ته آئون حڪمرانن کي چوان ٿو ته ماڻهو چاهين ٿا ته درياءَ سنڌ کي معاهدي تحت پاڻي ڏيو، سنڌ ۾ زراعت پوکڻ لاءِ پاڻي نٿو ڏنو وڃي، سنڌين کي پنهنجا جائز حق ڏنا وڃن، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، ھالار رتڙ، قادر بخش زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي کان پيادل ريلي جي شڪل ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي وئي. نواز خان زئور چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي تمام وڏي شخصيت آھي، جنھن پنھنجي زندگي ۾ شاندار جدوجھد ڪري قوم لاءِ نوان معيار جوڙيا. ھن فڪري، سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي، معاشي ۽ روحاني حوالي سان وڏو ڪم ڪيو آھي، جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ طرفان چيئرمين صوفي حضور بخش فيض، الله جوڻيجو، علي نواز ٻٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي وئي، جڏهن ته جست ڪرناڻي گروپ جي چيئرمين شبير جمالي، نصير منگي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ وفد سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي، جسقم (آريسر) اڳواڻ اسلم خيرپوري، ارباب ڀيل. سرمد ميراڻي ۽ ٻين ڪارڪنن سان گڏجي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي، جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي چيئرمين غازي خان سولنگي، اسرار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي ريلي سان سيد جي مزار تي حاضري ڀري، جڏهن ته جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ دودو ديشي، ظفر مگسي، سبحان جتوئي، بلاول سرگاڻي ۽ ٻين سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لاڪ ڊائون هجڻ ڪري مزار تي حاضري لاءِ اچڻ ۾ ڪارڪنن کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. ان باوجود به اڄ سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل قربانين کي ماڻهن پاران ڀيٽا پيش ڪئي آهي.