جروار (ن پ ا) ڳوٺ خدابخش مهر جي رهواسي غلام رسول مهر احتجاج ڪندي دانهيو ته وياج خور کي وياج سميت پيسا به واپس ڪيا آھن تنھن ھوندي به ھو 50مڻ ڪڻڪ هٿيارن جي زور تي کڻي ويو آھي، شڪايت پوليس وٽ کڻي ويس ته پوليس وياج خور خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري ويئي آھي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان وياج خور خلاف ڪاروائيءَ جي گهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. ياد رھي ته چار ڏينھن پڻ جروار ڀرسان ڳوٺ صاحب کان لنڊ جي رھواسي حميد ملڪ پڻ وياج خورن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ھو