حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ جانورن جي حقن ۽ سماجي خدمتن لاءِ جاکوڙيندڙ پاڪستان مسلم ليگ نواز جو سينيئر ڪارڪن جمال عارف سهروردي 66 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جمال عارف سهروردي لطيف آباد نمبر 2 جو رهواسي هو، هن سڄي ڄمار سماجي خدمتون ڪندي گذاري ۽ آخري دم تائين مسلم ليگ نواز سان سلهاڙيل رهيو. جنرل پرويز مشرف جي مارشل لا واري ڏينهن ۾ به هن مسلم ليگ نواز کان منهن نه موڙيو ۽ هر جلسي جلوس ۾ اڳيان وڌي شرڪت ڪئي، جنهن ڪري کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو. جمال عارف سهروردي حيدرآباد ۾ جانورن خاص طور گڏهن تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ گڏهن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ ۽ ساڻن ظلم خلاف عدالتن ۾ درخواستون به داخل ڪيون. سندس درخواستن جي بنياد تي عدالتن ڪيترن ئي گڏهن جي مالڪن تي ڏنڊ وڌا ۽ سزائون به ڏنيون. سندس مڙهه لطيف آباد نمبر 9 جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏي آهي.