لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر جي صدر ٿاڻي جي حد دوست علي روڊ سم شاخ وٽ لاڙڪاڻي واسي اڌڙوٽ خادم حسين بليدي کي پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، مڙھ لاڙڪاڻي جي سڪندر ڪالوني آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، مقتول کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو، ٻئي طرف مقتول جي پٽ محمد شا عرف صوبل بليدي جي فرياد تي قمبر جي صدر ٿاڻي تي عاشق، شھزاد، عرسم الھ پرتوم الھڏنو عرف ڏنو ۽ هڪ اڻڄاتل مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي فريادي موقف اختيار ڪيو آھي ته اسانجو پراڻو تڪرار هلندڙ آھي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي پي کي قتل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف صدر ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي.