حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) پنهنجي حيدرآباد ۾ هلندڙ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن لطيف آباد نمبر 9 جي عمارت نمل يونيورسٽي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، نيچرل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگويج (نمل) خانگي شعبي ۾ هلندڙ ادارو آهي جنهن کي سنڌ سرڪار پنهنجي ڪاليج جي عمارت حوالي ڪئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ان عمارت ۾ نثار احمد صديقي اڪيڊمي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري ان ڪاليج جي عمارت نمل جي حوالي ڪئي وئي، اسٽيوٽا جي ڊائريڪٽر پاران پرنسيپل کي هڪ خط لکيو ويو جنهن ۾ کيس حڪم ڏنو ويو ته نمل ۽ اسٽيوٽا جي انتظاميا وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت نمل يونيورسٽي ڪاليج جي عمارت ۾ نثار احمد ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪندي ان ڪري اها عمارت يونيورسٽي جي حوالي ڪئي وڃي، اهڙو ليٽر جاري ٿيڻ شرط ڪاليج جي عمارت جو قبضو وٺي نمل يونيورسٽي جي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن لطيف آباد نمبر 9 جي عمارت 1959ع ۾ قائم ٿي هئي، جتي مختلف شعبن ۾ شاگردن کي تربيت ڏني پئي وئي، هلندڙ سال به 300 کان وڌيڪ شاگرد ان عمارت ۾ مختلف هنرن جي تربيت حاصل ڪري رهيا هئا، عمارت نمل يونيورسٽي جي حوالي ٿيڻ سان سندن تعليم سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.