اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي فل ڪورٽ بينچ لاءِ اڄ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 3 يا 5 رڪني  بينچ جو فيصلو قبول نه هوندو، فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي. ڪجهه ماڻهو ادارن کي هڪ پارٽي لاءِ استعمال نه ڪن، حڪومت کي حڪومت ڪرڻ ڏيو، هي ملڪ جي بقاءَ جو سوال آهي اسان ڀرپور جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. جڏهن ته حمزه شهباز وزيراعليٰ پنجاب رهندو يا نه؟ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز ليگ عدليه تي حملا شروع ڪري ڏنا آهن، جلد فوج جي خلاف به بيان ايندا.  تفصيل موجب وفاقي حڪومت، ان جي اتحادي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ واري مامري تي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل نواز ليگ، پ پ، متحده، اي اين پي، باپ سوڌو پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جا اڳواڻ اڄ صبح ساڍي ڏهين وڳي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندا ۽ پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنهنجي وڪيلن سان گڏ گڏيل طور سپريم ڪورٽ ويندا جتي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ويندي، وڏي وزير جي چونڊ، سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل درخواستن جي گڏ ٻڌڻي جي اپيل ڪئي ويندي. هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اهم فيصلن تي پارٽي قيادت ئي پارلياماني کي هدايت جاري ڪندي آهي، چوڌري شجاعت جي خط بعد مونس الاهي پاڻ اچي اعلان ڪيو هو ته اسان هارائي ويا آهيون، مونس الاهي خط کي سمجهي ويو پر حيرت آهي جو عدالت چوي ٿي ته اسان مامري کي سمجهي رهيا آهيون، عدالت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو دٻاءُ ۾ ڪري رهي آهي يا وري ان کي دلچسپي ناهي، سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي، 3 يا 5 ججن جو فيصلو قبول نه هوندو. هن چيو ته ادرن کي حدن ۾ رهڻ گهرجي، وڌيڪ مداخلت ڪئي ته پي ڊي ايم خاموش نه رهندي، ادارن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي سياسي پارٽي سان سلهاڙيل آهن، ان معاملن ۾ ادارن کي نه گهليو وڃي، ادارن ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي رٽائرمينٽ بعد پڌرا ٿي ويندا آهن پر ملازمت دوران اهي پارٽي سان وابسطگي رکندا آهن، ادارن کي استعمال نه ڪريو، ميدان ۾ اچو، ملازمت دوران ادارن کي هڪ پارٽي لاءِ استعمال نه ڪريو، رياست پرڏيهي سازشن جي هٿان پنهنجي ادارن جي سياسي مداخلت جي ڪري ڪمزور ٿي رهي آهي، فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي حڪومت ڪرڻ ڏيو، حڪومت هن نظام کي چيلنج طور قبول ڪيو آهي، هي ملڪ بقاءَ جو سوال آهي اسان ڀرپور جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، سڀاڻي (اڄ) فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان جي پوري سياسي زندگي هڪ ڪوڙي بيانيي تي بيٺل آهي، عمران خان جو ڪو به مستقل بيانيو يا نظريو نه آهي، هڪ ڊفلي تي ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نچندا آهن، هن محاذ تي پوري هڪ جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان جي خلاف ڪو فيصلو آيو ته ڇا اهو هضم ڪيو ويندو؟ حڪمران اتحاد لاءِ ڪو به تڪراري فيصلو هضم ڪرڻ مشڪل هوندو، سپريم ڪورٽ کي استدعا آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڪجهه ججز جا رمارڪس تڪراري آهن، فل ڪورٽ جوڙي هن معاملي کي هميشه لاءِ حل ڪيو وڃي، عمران خان کي ملڪ ۾ گار گند ۽ ڌمڪين وارو ڪلچر متعارف ڪرڻ تي شرمندگي ظاهر ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ بعد پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي درخواستن تي سپريم ڪورٽ حمزه شهباز کي اڄ تائين وزيراعليٰ قرار ڏنو هو، اڄ 3 رڪني بينچ ان مامري جي ٻڌڻي ڪندي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز ليگ عدليه تي حملا شروع ڪري ڏنا آهن، جلد  فوج جي خلاف به بيان ايندا، شريف ڀائرن طئي ڪيو آهي ته هڪڙو اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ۾ سياست ڪندو ۽ ٻيو اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڪندو، هڪڙي جو سودو ناڪام ٿيندو ته ٻيو اڳتي ايندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته نواز ليگ کي احساس ٿيو آهي ته هنن عمران خان خلاف اسٽيبلشمينٽ سان سلهاڙجي غلطي ڪئي آهي، ادارا هن ڪُنَ ۾ پنهنجي قيادت جي غلطين سبب ڦاٿا آهن، پنهنجي حدن ۾ رهن ها ته ڪجهه به نه هجي ها، هاڻي ادارن کي نواز ليگ کي هدف بڻائڻو پوندو.