برساتي ٻوڏ ۾ رليف ۽ ريسڪيو وارا ادارا غائب

0
115
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب سڄو ملڪ هن وقت برساتن جي گهيري ۾ آهي جيڪڏهن ايئن چئجي ته ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ واري صورتحال آهي ته غلط نه ٿيندو.هڪ طرف معمول کان وڌيڪ برساتون پيون آهن جنهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته ٻئي طرف اسان جون سالن جون لاپرواهيون به انهي برسات کي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪرڻ جو سبب بڻيون آهن. توڙي جو هن ڀيري ڪنهن قدر ڪجهه بهتر انتظام نظر اچي رهيا هئا  پر جيڪي برساتي وهڪرن جا لنگهه آهن اهي اڃا تائين بند آهن جنهن ڪري تيز برساتن سڀني شهرن ۾ برساتي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ اهي برساتون ڪٿي تيز ڪٿي وڌيڪ سڀاڻي تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي آهي جنهن ڪر ي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

هڪ طرف ملڪ ۾ سياسي انتشار جهڙي صورتحال آهي ته ٻئي طرف سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. سرڪاري رپورٽ مطابق ئي رڳو بلوچستان ۾ 100 ماڻهو انهن برساتن ۾ فوت ٿي چڪا آهن جڏهن  ته انهي صوبي ۾ ڪيترائي ڊيم ٽٽي چڪا آهن.جنهن سان جاني ۽ مال نقصان به ٿي رهيو آهي ته بلوچستان جهڙي صوبي ۾ جتي پاڻي اهم مسئلو رهيو آهي ايندڙ وقت ۾ انهن ڊيمن جي ٽٽڻ ڪري انهن علائقن ۾ پاڻ جو به وڏو بحران ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن موسم ۾ اهي ڊيم انهي پاڻي کي گڏ ڪرڻ جو وڏو ذريعو رهيا آهن.سانوڻي جي برساتن جي معمول کان وڌيڪ پوڻ جي اڳڪٿين باوجود اسان وٽ اڳواٽ انتظام ٿيل نظر ئي نه آيا، بس مڪاني چونڊن جي اثر جي ڪري ڪجهه شهرن ۾ ٿوري گهڻي نالن جي صفائي ٿي جنهن ڪري ڪجهه بهتري نظر آئي، جيڪڏهن مڪاني چونڊن جو امڪان نه هجي ها ته شايد اڃا به صورتحال وڌيڪ خراب هجي ها. جڏهن ته جيڪا بنيادي خرابي آهي انهي طرف ڌيان ئي نه ڏنو ويو نه برساتي وهڪرن جا لنگهه کوليا ويا نه ئي برساتي نالن تان قبضا ختم ڪرايا ويا جڏهن ته اهو ڪو هاڻي جو مسئلو ناهي اهو معاملو  سپريم ڪورت تائين به پهتو پر پوءِ به صورتحال اها ئي ساڳي آهي.

هن وقت ته انهي معاملي تي هاڻي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته برساتون شروع آهن ۽ هن وقت قبضا هٽائڻ يا انهن جا لنگهه کولڻ وارو ڪم انهي رفتار سان نه ٿي سگهندو پر  هنن برساتن ۾ جيڪا ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي ۽ جيڪي شهر ۽ علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن ۾ رليف ۽ ريسيڪيو جي ڪم کي ته اوليت جي بنياد تي شروع ڪرڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته لڳاتار برساتن سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ،ڪچن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ هيٺئين طبقي وارا تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي.جنهن نموني جون برساتون وسي رهيون آهن ان پئماني تي رليف ۽ ريسڪيو جو ڪم نظر ئي نه ٿو اچي.ڪٿي ماڻهو ڇت کان محروم ٿيا آهن ته ڪٿي بک تي ويٺل آهن. سنڌ حڪومت ميڊيا ۽ سياسي مخالفن جي دٻاءُ ۾ اچي رڳو هڪ شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ  جي ڪوششن تائين پاڻ کي محدود رکيو آهي  جيڪا به سٺي ڳالهه آهي پر ان جو اهو مطلب قطعي ناهي ته جن ٻين شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال، رليف ۽ ريسڪيو جي ضرورت آهي انهي پاسي ڌيان ئي نه ڏجي يا سرڪاري مشينري نظر ئي نه اچي. جڏهن تي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي جنهن ايمرجنسي جي وقت لاءِ جوڙيو ويو آهي انهي وقت ۾ ئي جيڪڏهن اهي ادارا نظر نه اچن ته پوءِ انهن کي عوامي ناڻي تي بار لاءِ رکيو ويو آهي ڇا؟

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت سنڌ ڏکي صورتحال مان گذر ي رهي آهي ڪجهه وقت اڳ تائين اها پاڻي لاءِ سڪي رهي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ٿي رهيا هئا ۽ هاڻي وري سڄي سنڌ ذري گهٽ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي.تنهن ڪري سنڌ حڪومت ،اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي متاثر ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ رليف ۽ ريسڪيو جي آپريشن کي تيز ڪن،جيئن جاني ۽ مالي نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن کي بک کان به بچائي سگهجي.