ججز ۽ سول سرونٽس کي اضافي پلاٽن جي الاٽمينٽ غير قانوني قرار

0
210
پيڪا آرڊيننس: عدالت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گريڊ 22 جي آفيسرن ، ججن ۽ سرڪاري ملازمن کي اضافي پلاٽن جي الاٽمينٽ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جيورسٽ فائونڊيشن جي درخواست منظور ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت فيصلو ڏنو ته ججن ۽ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪوبه قانون ناهي، جيڪڏهن حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ سرڪاري ملازمن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ ڏيڻ چاهي ٿي ته پهريان قانون سازي ڪري، عدالت معاملو وفاقي ڪابينا آڏو رکڻ جو به حڪم ڏنو.