ڄامشورو (رپورٽ: زوهيب سولنگي) علم جو شھر ڄامشورو منشيات ۽ ڏوهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي امن امان جي بدترين صورتحال سبب چوريون، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، پوليس جي نا اهلي سبب شهري غير محفوظ ٿي ويا آهن، گذريل ٻن مهينن اندر پنجاھ کان مٿي موٽر سائيڪلون ڦر ٿي ويون آهن، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي واهپي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. ان ڏس ۾ ڄامشوري ۾ پوليس
جي نااهلي سبب منشيات جو ڪاروبار کي به عروج تي پهچي ويو آهي، جنھن جو تازو مثال سي آءِ اي پوليس ڄامشوري کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 70 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو، ڄامشوري شهر ۾ لکن جي تعداد ۾ ملڪ مان شاگرد تعليم پرائڻ پهچڻ ٿا پر منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ منشيات جي سرعام وڪري سبب رهواسي توڙي مستقبل جا معمار منشيات جي واهپي ۾ تيزي سان مبتلا ٿي رهيا آهن ڄامشوري شھر جي ڳتيل آبادي توڙي جو پسگردائيءَ ۾ چرس هيرون آفيم ۽ ٻيو ھاڃيڪار نشو سرعام ملي رهيو آهي. غريب آباد، ڀريا وليج، ڳوٺ عبدالله چاوڙا، ڄامشورو ڪالوني، سميت شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ زيد21 سوپاريون ۽ شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، ايتري قدر جو هاڻ يونيورسٽي جا شاگرد به سري عام منشيات واپارائڻ لڳا آهن، جنھن خلاف ڄامشورو پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.