ڄامشورو: پوليس وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڪاوڙ جو ابتو اثر وٺندي مين منشيات ڊيلر پڪڙڻ بدران ٻڌ ڇوڙ شروع ڪري ڏني آهي. ان ڏس ۾ وزيراعلي’ سنڌ پاران ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ واري اعلان کان پوء ڄامشورو پوليس ڪمائي جو نئون ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو آهي، منشيات جا نامي گرامي مين ڊيلر گرفتار ڪرڻ بدران ڪئبنن تي زيڊ ايڪيھ وڪندڙ ننڍن دڪاندارن ۽ ڪئبن وارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري خانه پوري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن 3 ايف آء آرز داخل ڪري ڪئبن وارن کي گرفتار ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعلي’ سنڌ پاران ڄامشوري ۾ منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ وارين هدايتن کان پوء خانه پوري لاء اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته منشيات جا وڏا واپاري ان ڪارروائين کان بچيل آهن.