ڄامشورو : ڀريا وليج واري علائقي ۾ مشهور منشيات ڊيلر اخو عرف اختر منشيات جو وڏو اڏو هلائي رهيو آهي، جتي شراب، چرس، آفيم سان گڏ آئيس جو نشو به سرعام وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڄاڻايل اڏي تي ٻارن کي به نشو وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڄامشورو پوليس انهن اڏن کي بند ڪرائڻ بجاءِ مبينا طور وڏيون منٿليون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، پوليس ذريعن موجب وڏي عرصي کان مقرر ٿيل ايس ايچ او ڄامشورو آدم ابڙو پاران منشيات جو واهپو روڪڻ لاءِ ڪو قدم ناهي کنيو ويو.