اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي ججز جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سٺي ساک رکندڙ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪرائي ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط واري معاملي تي ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي چيف جسٽس پاڪستان سان ملاقات ٿي، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات بعد قانون واري وفاقي وزير جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم چيف جسٽس کي چيو ته عدليه جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، معاملي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جو فرض آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو معاملو عدليه تي ڇڏيون ٿا ته خط مس ڪنڊڪٽ آهي يا نه؟ قانون واري وزير چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان وزير اعظم شھباز شريف ملاقات ڪئي. جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه به موجود هو، ملاقات ۾ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به شريڪ ٿيا، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ملاقات ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججز پاران لڳايل الزامن تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ تي ڳالھيون ٿيون، ڪميشن جوڙڻ جو معاملو اڄ وفاقي ڪابينا ۾ رکيو ويندو ۽ ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، ھن ڪميشن جا ٽي او آرز طئي ڪيا ويندا. اٽارني جنرل سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران قانون واري وزير چيو ته اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججز جي لکيل خط بعد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بروقت ايڪشن کڻي فل ڪورٽ جو اجلاس طلب ڪيو، جنھن بعد ھن اٽارني جنرل کي پيغام ڏنو ته ھو وزير اعظم سان ملاقات ڪرڻ چاھي ٿو. ھي پيغام جڏھن وزير اعظم کي مليو ته ھن فيصلو ڪيو ته موجود حالتن ۾ ھو پاڻ ان وٽ وڃي ملاقات ڪندو. ملاقات بعد انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ٿيو، هن چيو ته ججز پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آھي ته اھو گذريل دور حڪومت سان تعلق رکي ٿو. ھن چيو ته منھنجو ذاتي خيال مطابق اھڙي مداخلت واريون ڳالھيون ھاڻي نه پر ماضي ۾ به سامھون اينديون رھيون آھن. ان حوالي سان ڪميشن کي ماضي جون ڳالھيون به شامل ڪيون وڃن. پر ان جو حتمي فيصلو ڪابينا ڪندي. ھن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ججز جي موڪل لکڻ بعد ملڪ ۾ ڪو آئيني بحران ناھي، ڪو تسليم ڪري يا نه ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽسز آھن. منھنجي ذاتي راءِ مطابق جيڪو خط لکيو ويو آھي ان جي ٽائمنگ غلط آھي باقي اھڙا معاملا ماضي ۾ به ٿيندا رھيا آھن. جيڪڏھن ائين ٿيو ھيو ته ججز کي گھرجي ھا اُن وقت ئي ٻڌائين ھا. وزر اعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات ۾ وزير اعظم چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته پوري ملڪ اندر عدالتن جو ٽيڪس بابت ڪيس التوا ۾ آهن انهن جو جلد فيصلو ڪيو وڃي. ياد رهي ته  26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينه مداخلت ۽ دٻاءُ ۾ آڻڻ بابت سپريم جوڊيشل ڪونسل ۽سپريم ڪورٽ کي خط لکيو هو.

اسلام آباد: عدليه ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، عدليه ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت بطور ادارو ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جو ڪالهه ٻيهر اجلاس ٿيو، سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز شريڪ ٿا، پڌرائي موجب چيف جسٽس فل ڪورٽ جو اجلاس وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ طلب ڪيو، چيف جسٽس پنهنجي رهائشگاهه تي سمورن ججن کي گهرايو هو، چيف جسٽس سمورن ججز سان انفرادي طور گفتگو ڪئي، پڌرائي موجب چيف جسٽس پاڪستان کي 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جو خط مليو، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدليه ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، عدليه ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت بطور ادارو ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، عدليه جي آزادي تي سوديبازي جي اجازت نه ڏني ويندي، سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججز 26 مارچ تي چيف جسٽس کي خط لکيو. صورتحال کي نظر ۾ رکندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ججز سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سمورن ججز جي خدشن کي ٻڌو ۽ 27 مارچ تي چيف جسٽس اٽارني جنرل، وزير قانون، سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي سينيئر ميمبرز سان ملاقات ڪئي. 27 مارچ تي چيف جسٽس جي سربراھيءَ ۾ فل ڪورٽ جو اجلاس ٿيو. فل ڪورٽ اجلاس ۾ ھاءِ ڪورٽ جي ججز پاران لکيل خط تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته چيف جسٽس کي وزير اعظم پاڪستان سان ملاقات ڪرڻ گھرجي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته 28 مارچ تي وزير اعظم، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل سان گڏ چيف جسٽس، سينيئر جج ۽ رجسٽرار سان ملاقات ڪئي. ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رھندڙ ملاقات ۾ چيف جسٽس واضع طور تي چيو ته ججز جي معاملن ۽ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيٽوَ مداخلت کي برداشت نه ڪئي ويندي. عدليه جي آزادي، قانون جي حڪمراني مضبوط جمھوريت جو بنيادي پلر آھي. وزير اعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات دوران انڪوائري ڪميشن ٺاھڻ جي تجويز ڏني وئي. ملاقات ۾ وزير اعظم يقين ڏياريو ته آزاد عدليه جي لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا ويندا. پڌرائي مطابق عدليه جي آزادي جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي پيراگراف 53 جي مطابق قانون سازي ڪئي ويندي. وزير اعظم سان ملاقات بعد چيف جسٽس ٻيھر فل ڪورٽ ميٽنگ گھرائي، فل ڪورٽ ميٽنگ وزير اعظم سان ٿيل ملاقات جا تفصيل ٻڌايا ويا. گذريل ڏينهن به فل ڪورٽ جو اجلاس ٿيو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران عدليه ۾ ايجنسين ۽ انتظاميا جي مداخلت بابت لکيل خط جو جائزو ورتو ويو.