راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي ججز جي خط کي وفاقي ايجنسين خلاف فرد جرم قرار ڏيندي انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو، پڌرائي ۾ حساس معاملي تي چيف جسٽس جي وزيراعظم سان ملاقات تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، معاملو سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ آڏو رکڻ ۽ کليل عدالت ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ باني پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط جي روشني ۾ چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته خط ۾ چيف جسٽس کي ٻڌايو ويندو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسز کي ڪيئن هينڊل ڪيو وڃي ٿو، اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد بئرسٽر گوهر چيو ته آچر تي پشاور ۾ عدليه جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ويندي، لطيف کوسه چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف کي جڪڙيو ويو آهي، شريف ڪٽنب کي کير سان ڌوتل قرار ڏيندي رعايتون ڏنيون ويون.