اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم چيو ته ملڪي موجود صورتحال ۾ بجلي چوري ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. بجلي چوري ۽ سھولتڪاري ۾ ملوث آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي ڪئي وڃي. ملڪ کي اربين ڊالرز جو نقصان پھچائيندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. تفصيل موجب وزير اعظم محمد شھباز شريف جي صدارت ھيٺ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اھم اجلاس  ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم محمد شھباز شريف چيو ته اسان جي ذميواري آھي ته بجلي چوري روڪڻ جي مھم ذريعي ھڪ مستحڪم نظام جوڙيو وڃي، ملڪ جي موجودا معاشي صورتحال ڪنھن به صورت ۾ بجلي چوري جھڙي مسئلي کي برداشت نٿي ڪري سگھي. وزير اعظم سختيءَ سان ھدايت ڪئي ته اھڙا آفيسر جيڪي بجلي چوري ۽ ان حوالي سان سھولتڪاري ۾ ملوث آھن انھن خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي. ھن چيو ته ملڪ کي اربن جو نقصان پھچائيندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. اجلاس ۾ ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڌيڪ نقصان ۾ ويندڙ فيڊرز تي فيڊرز مانيٽرز مقرر ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پينل ڪوڊ  ۾ آرڊيننس جي ذريعي ترميم ڪئي وئي، جنھن بعد بجلي چوري ھاڻي ھڪ قابل پوليس ڏوھه آھي. اجلاس گذريل سال سيپٽمبر کان شروع ٿيل بجلي چوري مھم سبب بجلي چوري ۾ تمام گھڻي گھٽتائي آئي. بجلي چوري مھم تحت سيپٽمبر کان ھن وقت تائين 57 ارب روپين جي وصولي ڪئي وئي آھي. مھم دوران ڊسٽريبيوشن ڪمپني جي 350 اھلڪارن کي خراب ڪارڪردگيءَ يا سھولتڪاري تي معطل ڪيو ويو. بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميا جي سطح تي ٽاسڪ فورس کي سٺي ڪارڪردگي تي رقم جو ڪجھ حصو انعام ڏنو ويندو.