اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گشمدگين کي سنگين ڏوهه ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڇا گمشدگين بابت ڪميشن رڳو رسمي  ڪارروائي لاءِ پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪندي آهي، ڇا انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو ان کان وڏو ڪو مسئلو ٿي سگهي ٿو، ڪميشن رپورٽ ڏسي پروڊيڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڇو نه لکيو؟ هاءِ ڪورٽ گمشدگيون ڪيس ۾ ڪميشن تي سوال اٿاري ڇڏيا، 8 ورهين کان گم زاهد امين ۽ هڪ سال کان گم صادق امين جي بازيابي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن طرفان ايڊووڪيٽ ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي، عدالت گم ٿيل زاهد امين جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، گم ٿيلن جي بازيابي بابت جوڙيل ڪميشن جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ زاهد امين کي جبري طور کنڀي گم ڪيل ظاهر ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جڏهن جي آءِ ٽي چئي ڇڏيو  هي جبري گمشدگي آهي ته اوهان پروڊڪشن آرڊر ڪنهن کي جاري ڪيا؟ ڇا ڪميشن رڳو رسمي ڪارروائي لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندو آهي، اوهان پٽيشنر کي لاڳاپيل ڄاڻ ڇو نٿا ڏيو، ڪميشن گم ٿيلن جي وارثن سان ٺيڪ طريقي سان پيش نٿي اچي، اوهان انهن گهرن تي وڃو، عدالت جي پڇاڻي تي ايمان مزاري ٻڌايو ته زاهد امين جو پروڊڪشن آرڊر 14 سيپٽمبر 2020ع تي جاري ڪيو، عدالت ڪميشن جي رجسٽرار کي مخاطب ٿيندي چيوته ڇا اوهان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري وساري ڇڏيو، جن کي جاري ڪيو ڇا انهن انڪار ڪري ڇڏيو، بازيابي ڪيمشن جي رجسٽرار چيو ته ڪنهن انڪار ناهي ڪيو، عدالت چيو ته ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ڏهاڪو اڳ جوڙيل ڪميشن جبري گمشدگيون روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي تجويزون ڇو ناهن ڏنيون؟ 2 سال اڳ پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيو، ڪو سبب ناهي جو ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ نه لکيو وڃي، عدالت اکيون بند نٿي ڪري سگهي، ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،