اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 جي تشريح تي نظرثاني  لاءِ سپريم ڪورٽ بار درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ بار درخواست ۾ چيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي تحت باغي ميمبر صرف ڊي سيٽ ٿيندا، ووٽ شمار نه ڪرڻ جي راءِ آئين خلاف آهي، آئين ۾ مداخلت جي برابر آهي، پيراگراف تي نظرثاني ڪري راءِ واپس ورتي وڃي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي تحت باغي ميمبرن جو ووٽ شمار نه ڪرڻ جي راءِ ڏني هئي.