جاتي(ن پ ا)جاتي لڳ ٻارڻ روڊ تنبو اسٽاپ ڀرسان 60 سالا گولاڙچي واسي 9 ورهين جي نينگر عبدالرزاق ڀٽي کي پڪڙي مبينا بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، نينگر پاران رڙيون ڪرڻ تي ڳوٺاڻن پهچي نينگر کي بچائي ورتو، جوابدار پاران نينگر چڪ هڻي کيس رتو رت ڪري ڇڏيو، وارثن پاران نينگر کي جاتي ٿاڻي پهچايو جتي کيس ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ روانو ڪيو ويو جتي نينگر سان بدفعلي جي تصديق نه ٿي سگهي آهي هوڏانهن جاتي پوليس موجب نينگر سان بدفعلي ڪرڻ ڪوشش ڪرڻ جي الزام ۾ پڪڙيل گولاڙچي واسي مير حسن جت جو دماغي توازن ٺيڪ نه هجڻ جو ٻدايو آهي،پوليس موجب الزام هيٺ آيل گولاڙچي واسي مال جو ڌنار آهي