حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ جشن آزادي واري ڏهاڙي تي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ واري ڪيس ۾ سٽي پوليس گرفتار ٿيلن مان 9 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪيو. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت جوابدار محمد فرقان آرائين، فرحان آرائين، علي حمزه، عزيز آرائين، فيضان قريشي، جميل احمد ديسوالي، نويد قريشي، شاهه رخ ۽ شهباز قريشي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. گذريل ڏينهن سٽي پوليس گرفتار ٿيل سمورن جوابدارن کي بڪتر بند گاڏي ذريعي عدالت ۾ آندو. جاچ آفيسر عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کان کين جاچ ڪرڻي آهي ته انهن ڪنهن جي چوڻ تي ريلي ڪڍي هل هنگامو ڪري ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي ۽ سندن ٻيا ساٿي ڪٿي گم ٿي ويا آهن ان لاءِ سندن رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت درخواست رد ڪندي سمورن جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. 16 آگسٽ تي سٽي پوليس سب انسپيڪٽر ساجد آرائين جي فرياد تي 20 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 14 آگسٽ تي ڄاڻايل جوابدارن ڪوهه نور چوڪ وٽ ريلي ڪڍي ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن جي سربراهه جي حمايت ۾ به نعرا هنيا هئا.