جاتي (ن پ ا)جاتيءَ جي يوسي گل محمد ٻارڻ جي ڳوٺ حمزو کوڙ ۾ شادي شده نوجوان اختر علي کوڙ عيد ڏهاڙي پنهنجي ماءُ سان ڪاوڙجي ٻٻر جي وڻ ۾ ڪپڙي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو