گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي لڳ نوجوان گهريلو پريشاني کان تنگ ٿي جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي پهتا. ان سلسلي ۾ گپچاڻي ويجهو ڳوٺ لونگ خان بروهي ڀرسان شادي شده نوجوان پورهيت فدا حسين پٽ نبي بخش بروهي گهريلو پريشانين سبب جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه جي پي ايم يو اسپتال نيو ويو، جتي کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آھي سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.