بيگم نسيم ولي خان لاڏاڻو ڪري وئي

0
200

چارسده )مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳوڻي صوبائي صدر بيگم نسيم ولي خان لاڏاڻو ڪري وئي، بيگم نسيم ولي خان شگر ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي، بيگم نسيم ولي خان اي اين جَي رهبرِ تحريڪ خان عبدالولي خان جي بيواهه هئي، اي اين پي ترجمان موجب بيگم نسيم ولي خان جي جنازي نماز اڄ شام جو باغِ چارسده ۾ ادا ڪئي ويندي.