دڙو (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي خبر جو سيڪريٽري صحت سنڌ ۽ ڊي جي ھليٿ حيدرآباد نوٽيس رتو، ڊي ايچ او سجاول رورل ھيلٿ سينٽر دڙو پهچي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي. واضح هجي ته عيد ڏينھن جهيڙي ۽ حادثي جي زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر دڙو آندو ويو هو پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت ڪوبه عملو موجود نه هئڻ سبب زخمي تڙپي رھيا ھئا. اهڙي صورتحال تي وارثن اسپتال ۾ احتجاج ڪيو، ان حوالي سان نيوز ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو سيڪريٽري صحت سنڌ، ڊي جي ھيلٿ حيدرآباد فوري طور نوٽيس وٺندي ڊي ايچ او سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجه کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو، جنھن ڪالهه رورل ھيلٿ سينٽر دڙو پھچي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کان پڇاڳاڇا ڪئي. ان موقعي تي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسپتال جو ٻيڙو ٻڏل آھي، منھنجي وس ۾ ھجي ته عملي جون پگهارون بند ڪري کين گهر موڪلي ڇڏيان. ھن وڌيڪ چيو ته سجاول ضلعي جون اسپتالون جڏھن کان مرف اين جي او حوالي ٿيون آھن، تڏهن کان وٺي ضلعي جون سڀ اسپتالون عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن. ھن چيو ته معاملي جي انڪوائري بابت رپورٽ مٿي موڪليان ٿي، عوام سان انصاف ڪيو ويندو.