نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ الھورايو سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي ذاتي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل 13 سالن جي نينگر نادر علي سولنگي جو ڪيس سندس والد حاجي مور سولنگي جي فرياد تي نوشهروفيروز پوليس داخل ڪري ورتو. ڪيس ۾ منٺار، سڄڻ، نظام ۽ دلدار سولنگي سميت 6 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي، پوليس موجب نينگر جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن منٺار ۽ سڄڻ سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي واقعي بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون آھن. نينگر جي والد مور سولنگي ٻڌايو ته ھو ۽ سندس نينگر مولھڻ ۾ دوڪان تي ويٺل ھئاسين ته اوچتو ڄاتل سڃاتل ھٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب ھو معجزاڻي طور بچي ويو پر گوليون لڳڻ سبب سندس پٽ قتل ٿي ويو ۽ ھٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا. ھن ٻڌايو ته جوابدارن سندس پٽ کي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيو آھي