ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ثقافت کاتي ۾ ڪروڙين  رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس تي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سنڌ ٽوئرزم ڪارپوريشن جو اڳوڻو ايم ڊي روشن ڪناسرو ۽ ٻيا پيش ٿيا، فاضل جج جي ملازمت وارو مدو ختم ٿيڻ بعد ٻڌڻي لنڪ جج جي عدالت ۾ ٿي، ريفرنس تي ڪارروائي ٻڌڻي بنا 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. نيب پراسڪيوٽر موجب جوابدارن قومي خزاني کي 4 ڪروڙ 85 لکن جو نقصان پهچايو