ڪراچي (م ڊ)  عوامي نيشنل پارٽي حڪومتي  اتحاد ڇڏڻ تي غور ڪري رهي آهي. اي اين پي ۾ ڪي پي ڪي جي گورنرشپ نه ملڻ واري معاملي تي ڪاوڙ جي لهر آهي جنهن کانپوءِ اي اين پي طرفان حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. مشهور صحافي جو چوڻ آهي ته حڪومتي واعدي باوجود گورنر شپ نه ڏيارڻ تي اي اين پي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪري رهي آهي. سمورين اتحادي پارٽين جي حمايت ۽ وزيراعظم جي خاطري باوجود ميان افتخار کي گورنر نه بڻائڻ تي اي اين پي ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ ڪنهن به وقت حڪومت جي حمايت ختم ڪرڻ جو اعلان ٿي سگهي ٿو.