تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي، مهانگائي جي ٻوڏ ٻاهران پئي اچي: عمران خان

0
331
تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي
تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي، مهانگائي جي ٻوڏ ٻاهران پئي اچي: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي کانپوءِ مخالف ڌر جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا

انهي ڊپ کان بار بار حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ کان 50 سيڪڙو سستا روڊ ٺاهي رهيا آهيون

ماضي ۾ روڊن جي تعمير ۾ هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي. پاور پراجيڪٽ تي ڪيترو خرچ ٿيڻو هو، ڪيتري رقم ٺاهي وئي؟وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض واپس ڪري ڇڏيا آهن

مهانگائي جو سيلاب ٻاهران اچي رهيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي، عوام کي اعتماد هجڻ گهرجي ته هو ان ڏکيائي مان نڪري ويندا

لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو آهي. سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون هو جنهن سبب سپلاءِ متاثر ٿي رهي آهي.هن چيو ته مخالف ڌر ووٽنگ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڇو نٿي ڪرڻ چاهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته مخالف ڌر اي وي ايم کان ڇو خوفزده آهي، ٽيڪنالاجي اهڙي ٿي وئي آهي جو ڪو به ڪوڙ نٿو ڳالهائي، ڪو به ڪوڙ ڳالهائي ته گوگل تي چيڪ ڪري سگهجي ٿو

هن وڌيڪ چيو ته لنڊن ۾ ويٺل شخص کي افسوس آهي ته پاڪستان ۾ حالتون خراب آهن، لنڊن جي محل ۾ رهن ٿا، وڏيون گاڏيون هلائين ٿا، هي پئسو هتان کان ويو.