اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪئي، فواد چوڌري جي وڪيل مرزا آصف عباس چيو ته ان ئي نوعيت جا 7 ڪيس آهن جيڪي 16 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته باقي چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين جا ڪيس آهن  ۽ هي اليڪشن ڪميشن جي توهين جو ڪيس آهي، توهين اليڪشن ڪميسن جا ڪيس الڳ آهن، 16 مئي تي چارج فريم ٿيندو، فواد چوڌري جي وڪيل چيو ته پهرين جواب ته اچي پوءِ ئي چارج فريم ڪري سگهجي ٿو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته جواب ڏيڻ لاءِ ئي ته تاريخ ڏني هئي، جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏجي ٿو، فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.