اسلام آباد (بيورورپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عدت واري ڪيس ۾ شاهدي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي قانون ٽيم سان مشاورت ڪئي آهي، جنهن ۾ خواجه حارث، نعيم پنجوٿا، انتظار پنجوٿا ۽ حسان نيازي شامل آهن، جڏهن ته عمران خان جو چيف آف اسٽاف شبلي فراز به قانوني مشاورت ۾ شريڪ ٿيو. ذريعن جو چون آهي ته عمران خان عدت واري ڪيس ۾ شاهدن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندو. شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ تائين عمران خان پاران عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي ويندي. عمران خان ڪيس جي شاهدن مفتي محمد سعيد ۽ عون چوڌري خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائيندو.