اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اهم ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۾ ملاقات مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي. مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير طلحه محمود به موجود هو، ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده ساسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پنجاب، خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن، پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ ڳالهين ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي گفتگو ٿي.