تنگواڻي (ن پ ا) جي يو آءِ جي مرڪزي نائب امير عبدالقيوم هاليجوي  پاران ٽائون ڪاميٽي ۽ يوسين ۾ اليڪشن ورڪ ڪندي وارڊ 3 جي قيصر گجراڻي، مگسي پاڙي، يوسي سهلياڻي جي ڳوٺ هدايت الله گجراڻي، ڳوٺ جعفرآباد،ڳوٺ عبدالرحمان رند سميت مختلف ڳوٺن ۾  دورا ڪيا، رند برادري طرفان نامزد ڪيل آزاد اميدوار جي يو آءِ اميدوار حاجي گلزار احمّد بروهي جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ جي يو آءِ پاران آزاد اميدوار ضلعي ڪائونسل ميمبر محمّد خان رند جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو.