ماتلي (ن پ ا) ماتلي  ميونسپل ڪاميٽي ماتلي جي 12 وارڊن تي اليڪشن  ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن تي واپڊا جي بلن جون لکين روپين جون رهتون ظاهر ٿيون آهن، ان ڏس ۾ حيسڪو سب ڊويزن ماتلي جي سب ڊويزنل آفيسر اهڙو آگاهي ليٽر رٽرننگ آفيسر کي جاري ڪري ڇڏيو آهي. رهتون نه پياريندڙن ۾ شهر جي مختلف وارڊن تي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ، پي ٽي آئي ۽ آزاد اميدوار طور  حصو وٺندڙ 21 اميدوار شامل آهن جن جا فارم پڻ بحال ٿي چڪا آهن اهڙي ليٽر ملڻ کان پوء لسٽ ۾ شامل اميدوار سخت ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. اڪثر اميدوار قانوني ماهرن سان مشورو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.