تنگواڻي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل

0
200
تنگواڻي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل
تنگواڻي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل

تنگواڻي (رپورٽر) تنگواڻي ڀرسان مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي

تنگواڻي ويجهو ڳوٺ غلام محمد ڏاهاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪيو ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو

عورت جي مڙس بيگو جتوئي جو چوڻ آهي ته 20سال اڳ گهرواري منظوران  تي سندس ڀائرن ڪارنهن جو الزام  مڙهيو هو

بيگو جتوئي جو چوڻ هو ته رات دير سان گهرواري کي سندس ڀاءُ ۽ سئوٽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، گهرواري جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 مقتولا جي مڙس جي فرياد تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جوابدار هٿ نه اچي سگهيا، عورت جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

هي به پڙهندا

ٽنڊو الهيار: زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل: 9 زخمي